هاڻي ضرورت ناهي، گوگل سوين ملازم ڪڍي ڇڏيا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل انجينيئرنگ ۽ هارڊ ويئر بابت پنهنجن سوين ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گوگل جي ترجمان ڄاڻايل معاملي جي تصديق ڪندي چيو ته آهي ته گوگل جو ان قدم جو مقصد پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.
برطرفين جو اثر گوگل جي مرڪزي انجينيئرنگ، هارڊ ويئر ۽ اسٽنٽ ٽيمن جي ملازمن کي پوندو.
ترجمان جو چوڻ هو ته گوگل جو اهو قدم لاڳت ۾ گھٽتائي جي تازي ڪوشش آهي ته جيئن ڪورونا جي عالمي وبا دوران ڏنل گھڻين ملازمتن سان ڪمپني تي پوندڙ اثرن تي ضابطو آڻي سگھجي.
انهن برطرفين سان گوگل جي هارڊ ويئر ۽ سينٽر انجينيئرنگ ٽيمن جي ملازمن کانسواءِ گوگل اسٽنٽ، آواز سان هلندڙ سافٽ ويئر پروڊڪشن ۽ ٻين حصن سان سلهاڙيل ملازمن به متاثر ٿيندا.
گذريل سال جنور ۾ گوگل پنهنجي افرادي قوت ۾ 12000 ماڻهن جي گھٽتائي ڪئي هئي جيڪا ان جي ڪُل وقتي ملازمن جو تقريبن 6 سيڪڙو هو جڏهن ته ڪمپني سال جي آخر ۾ به پنهنجي ڀرتي ۽ نون سيڪشنز ۾ به ڪٽوتيون ڪيون.
وڏي لينگويج ماڊل جيمني جهڙي پراڊڪٽس لانچ ڪرڻ جهڙن شعبن ۾ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي به پنهنجو ڌيان ڏنو آهي ڇو جو اِهو مائڪرو سافٽ ۽ اميزون جهڙن مخالفن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.