جيڪب آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز جکراڻي عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ جيڪب آباد ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تي ممتاز جکراڻي بدران مير اورنگزيب پنهور کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي.
پارٽي طرفان ٽڪيٽ نه ملڻ تي ممتاز جکراڻي پارٽي جي اهڙي فيصلي تي ڪاوڙيل آهي.
ممتاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چاليهه سال پ پ ۾ رهيس، اهميت نه ڏني وئي، جنهن همراهه کي تڪ ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي اِهو يونين ڪائونسل جي سيٽ به نٿو کٽي سگهي، آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس.
واضح رهي ته ممتاز جکراڻي 2013 ۽ 2018 ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو هو.
” 40 سال پ پ ۾ رهيس، اهميت نه ملي“ ممتاز جو جکراڻي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان
Next Post
You might also like