ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڍورو نارو واسي نوجوان ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس پيءُ سخت زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ صابو فقير جو رهواسي نوجوان فيض محمد منڱريو رات دير سان ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ موٽرسائيڪل تي سوار پيءَ فتح محمد منڱريو سخت زخمي ٿيو.
ڳوٺ صابو فقير جو رهواسي نوجوان شاگرد فيض محمد منڱريو ۽ سندس پيءُ فتح محمد ڪراچي ۾ رهندا هئا.
رات دير سان ناظم آباد واري علائقي مان دعوت تان موٽي رهيا هئا ته ڦورن موبائيل فون ڦر ڪندي سڌيون ڳوليون هنيون، جنهن سبب نوجوان فيض محمد منڱريو تڏي تي مارجي ويو ۽ سندس پيءُ فتح محمد منڱريو سخت زخمي ٿيو.
نوجوان جي قتل سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي.