ملڪ سميت سياسي پارٽين ۾ به جهموريت هئڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بيٽ واري نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان انٽرا پارٽي چونڊن و اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي بيٽ واري نشان بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر علي پڇاڻو ڪيو ته اڃا تفصيلي فيصلو جاري ناهي ٿيو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اڃا تفصيلي فيصلو ناهي آيو ۽ لڳي ٿو ته فيصلو اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته 13 جنوري ڇنڇر جي ڏينهن سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿيڻا آهن.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان بيٽ وارو نشان واپس ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ پڙهي ٻڌايو.
پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مون کي تياري لاءِ سومر تائين وقت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪيس ملتوي ڪرڻو آهي ته پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻو پوندو، اسان سڀاڻي ۽ پرينهن به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڇنڇر ۽ آچر واري موڪل قربان ڪري چونڊن جا ڪيس ٻڌي سگهون ٿا.
جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته رڳو اِهو چاهيون ٿا ته چونڊن وقت سر ۽ قانون پٽاندڙ ٿين، ڄاڻو ٿا ته هاڻي چونڊن ۾ وقت گهٽ آهي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي اءِ سان امتيازي ورتاءُ ته ناهي ڪيو ويو، هر پارٽي کي اختيار آهي ته پنهنجي جماعت کي ووڊ ڏئي، اهڙي طرح هر ميمبر کي اختيار ٿيڻ گهرجي پنهنجي پسنديدا اميدوار کي پارٽي ۾ ووٽ ڏئي، هڪ اهم ڳالهه اِها آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن وارو معاملو ان وقت اُٿاريو ويو جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي، سياسي پارٽين اندر به جهموريت هئڻ گهرجي آمريت نه هئڻ گهرجي، ڪٿي اڻ برابري تي ناهي ٿي رهي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿوته اِهي پارٽيون به سڀاڻي سامهون اچن، جڏهن چيئرمين بنا مقابلي چونڊجي ويو ته ووٽن جو معاملو ڪٿان آيو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسد عمر اڄ به پارٽي جو سيڪريٽري آهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اصل سوال ٻه ڊسمبر واري پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو آهي، ڪجهه شيون ته ٽڪنيڪي آهن اصل شيءَ جهموريت آهي، جهموريت ملڪ ۾به هئڻ گهرجي، جهموريت سياسي پارٽين ۾ به هئڻ گهرجي، پهرين ڊڪليريشن ڏيکاريو ڪٿي چيو ويو آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن درست آهي، چونڊ نشان جو ذڪر آئين ۾ ناهي پر اليڪشن ايڪٽ ۾ آهي، ڌرڻي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن چيو هو ته ڪا شق ڪاسميٽڪ آهي، پر پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري وئي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، سڀاڻي تحريڪ انصاف جي وڪيل کي ٻڌنداسين.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي سڀاڻي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.