روس جو هر سال 32 هزار ڊرون ٺاهڻ جو فيصلو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس 2030 تائين هر سال 32 هزار ڊرون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فيبروري 2022 کان يوڪرين سان جنگ کانپوءِ روس وڏي انگ ۾ ڊرون استعمال ڪندو آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روس ۽ يوڪرين ٻئي ملڪ جنگي سامان جو انگ وڌائي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي ڊپٽي وزيراعظم چيو آهي ته 32500 ڊرونز جي تياري موجوده پروڊڪشن کان ٽيڻ تي آهي.
هن چيو ته ان قومي پراجيڪٽ ۾ 7.66 ارب ڊالرن جي فنانسنگ ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل هلندڙ مهيني سامهون آندا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.