ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لائنز ايريا واري علائقي ۾ اقليتي برادري پاران گهر ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن دوران سندن چوڻ هو ته هو پاڪستاني آهن ۽ هتان نه اٿندا، ڀلي مٿن بلڊوزر هلايو وڃي.
صدر ۾ لائنز ايريا واري علائقي ۾ 25 گهرن تي ٻڌل ڪالوني کي ڊاهڻ جو نوٽيس ملڻ تي اقليتي برادري جي نارائڻ مالا، روينڊر علي، بنسي مالا، پرڪاش، گيتا پرڪاش، جهاراپ، شانا سميت وڏي انگ ۾ مردن ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو ورهاڱي کان اڳ هتي آباد آهن ۽ هو سرڪاري کاتن ۾ رهيا آهن جن کي فوج طرفان هتي جاءِ ڏني وئي هئي ۽ هاڻي کين اٿاريو پيو وڃي.
هڪ عورت احتجاج ڪندي چيو ته ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي جو ڪو به ڪم ناهي هو رڳو پيسن لاءِ اسان کي نوٽيس ڏئي رهيا آهن، اسان کي فوج ويهاريو هو ته فوج اچي.
مظاهرين وڌيڪ چيو ته هو ورهين کان هتي موجود آهن، هو غريب مسڪين آهن، گهر جو خرچ هلائڻ به ڏکيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ کين گهر ڊاهڻ جو نوٽيس ڏيڻ ناانصافي آهي، هو ڪڏهن به پنهنجا گهر خالي نه ڪندا.
احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ گهرن کي ڊاهڻ وارو نوٽيس واپس ورتو وڃي.