شاهه محمود جا نامزدگي ڪاغذ رد، اسد قيصر سان درست قرار

ملتان (ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽربيونل تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.
ملتان جي اپيلٽ ٽربيونل جي جج جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ هن شاهه محمود قريشي جي آر او طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.
شاهه محمود قريشي اين اي 150، 151 ۽ پي پي 218، پي پي 219 ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي اپيلون داخل ڪيون هيون، جن کي ٽربيونل رد ڪري ڇڏيو.
پر اپيلٽ ٽربيونل شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ مهربانو ۽ پٽ زين قريشي جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.
هوڏانهن پشاور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اليڪشن ٽربيونل اسد قيصر جي اپيل منظور ڪندي سندس نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.