شڪستن جو سلسلو نه ٽٽو، آسٽريليا ڇهون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا، پاڪستان کي ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ ۾ اٺ وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
سڊني ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان، آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 130 رنسن جو هدف ڏنو.
ان کان اڳ پاڪستان کي آسٽريليا ميلبورن ٽيسٽ ۾79 رنسن تان شڪست ملي، پرٿ ٽيسٽ ۾ به پاڪستان 360 رنسن جي وڏي مارجن تان هارايو هو.
پاڪستان جي 130 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ ٻڙي تي ڪِري، اوپنر عثمان خواجا ساجد خان جو پهريون شڪار بڻيو.
ڪينگورز جي ٻي وڪيٽ ماني جي وقفي کانپوءِ ڊيوڊ وارنر جي صورت ۾ ڪِري هو پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي آخري اننگز ۾ 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اسٽيو سمٿ چار ۽ مارنس لبيوشن 62 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
ان کان اڳ چوٿين ڏينهن پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستاني بيٽرز محمد رضوان 28، عامر جمال 18 ۽ حسن علي پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته عبدالله شفيق، شان مسعود، ساجد ۽ سلمان کاتو به نه کولي سگهيا، صائم ايوب 33 ۽ بابر اعظم 23 رنسون ٺاهي سگهيو.
پاڪستان خلاف جوش هيزل ووڊ 4 ۽ نيٿن ليون ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.
سڊني ٽيسٽ ۾آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي عامر جمال کي پليئر آف دي ميچ جڏهن آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.