9 مئي واقعن جي ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪارن جو پتولڳائڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي 9 مئي سانحي بابت ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ڪابينا ڊويزن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي 14 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.
نوٽيفيڪشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڪميٽي جي سربراهي قانون وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪندو، ڪميٽي 9 مئي واقعن جو جائزو وٺندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون تيار ڪندي.
ڪميٽي جي ٽي او آرز ۾ شامل آهي ته ڪابينا ڪميٽي 9 مئي واقعن جا سبب ڳوليندي، ڪميٽي 9 مئي واقعن جي ماسٽر مائينڊ، منصوبي ساز، سهولتڪارن ۽ عمل ڪندڙن جو پتو لڳائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.