شاهه رخ ۽ سلمان خان جي مداحن لاءِ بُري خبر

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سُپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جي مداحن لاءِ بُري خبر سامهون آئي آهي ته هلندڙ سال ٻنهي اداڪارن جي ڪا به فلم رليز نه ٿيندي.

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان هر سال پنهنجي مداحن کي عيد ۽ ڏياريءَ جو تحفو ڏيڻ لاءِ انهن تهوارن تي فلمون رليز ڪندا آهن.

گذريل سال سلمان عيد جي موقعي تي فلم ” ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان “ جڏهن ته ڏياريءَ تي ٽائيگر ٿري رليز ڪئي هئي جڏهن ته شاهه رخ خان پنهنجي مداحن کي ڀارت جي يومِ جهموريت واري ڏينهن فلم ” پٺاڻ “ جڏهن ته ڪرسمس تي فلم ” ڊنڪي “ جو تحفو ڏنو هو ۽ سندس فلم ”جوان“ سپٽيمبر ۾ رليز ٿي هئي.

سلمان خان ۽ شاهه رخ خان جا دنيا ۾ موجود مداح بي صبري سان انهن تهوارن جو انتظار ڪندا آهن پر هلندڙ سال 2024ع ٻنهي ستارن جي مداحن بُري خبر کڻي آيو آهي ڇو ته هلندڙ سال ٻنهي خانز جي ڪا به فلم رليز نه ٿيندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ٻنهي اداڪارن اڃا تائين پنهنجي نين فلمن جي شوٽنگ شروع ناهي ڪئي، سلمان خان جلد ئي وشنو ورڌن جي هدايتڪار هيٺ ٺهندڙ فلم ” دي بُل “ جي شوٽنگ شروع ڪندو جڏهن ته شاهه رخ خان  هلندڙ سال مارچ يا اپريل ۾ نئين فلم جي عڪسبندي شروع ڪندو پر اڃا تائين اداڪار طرفان فلم جو ٽائيٽل ۽ ٻيا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

سال 2024ع ۾ سلمان خان ۽ شاهه رخ خان جي غير موجودگيءَ ۾ اڪشي ڪمار، اجي ديوگن سميت ٻين بالي ووڊ ستارن جون  فلمون وڏن تهوارن تي رليز ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.