پرويز الاهي جي اڊيالا جيل ۾ طبعيت ٻيهر خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف صدر پرويز الاهي کي طبعيت ٻيهر ناساز ٿيڻ تي اسپتال نيو ويو.
چوڌري پرويز الاهي کي طبعيت بگڙڻ تي راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي منتقل ڪيو ويو.
تحريڪ انصاف اڳواڻ کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو، اتي سندس معائنو ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به پرويز الاهي کي طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال نيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.