آءِ فون کي ايپس ٽريڪنگ کان بچائڻ لاءِ هي طريقو استعمال ڪريو

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته شاپنگ ايپس اوهان جي آءِ فون کي ٽريڪ ڪنديون آهن جن کان بچي سگهجي ٿو.

آءِ فون استعمال ڪندڙ ان جي سيڪيورٽي مان مطمئن نظر ايندا آهن، فيس آءِ ڊي، ٽچ آءِ ڊي ۽ پاسڪوڊ ذريعي آءِ فون جي ڊيٽا کي محفوظ بڻايو ويندو آهي پر شايد سڀ آءِ فون واهپيدار اِهو نه ٿا ڄاڻين ته شاپنگ ايپس آءِ فون کي ٽريڪ به ڪنديون آهن.

جيڪڏهن اوهان اهڙين ايپس جي ٽريڪنگ کان بچڻ چاهيو ٿا ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته ايپل جي سيڪيورٽي ۾ ان جو حل پڻ موجود آهي.

ايپل وٽ هڪ اهڙو فيچر آهي جنهن کي هڪ ڀيرو فعال ڪرڻ سان اوهان ڄاڻي سگهندئو ته ڪهڙيون ايپس اوهان کي ٽريڪ ڪري رهيون آهن ۽ ان ئي فيچر ذريعي اوهان انهن کان بچي به سگهو ٿا.

ايپ ٽريڪنگ ٽرانسپيرنسي نالي فيچر ذريعي تمام ٽريڪنگ ايپس کي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو.

ٽرانسپيرنسي اهڙو ٽول آهي جيڪو آءِ فون واهپيدارن کي ٻڌائيندو آهي ته ايپس ڪهڙي طرح اوهان کي ٽريڪ ڪري سگهي ٿي يا نه.

ڪمپني طرفان اِهو فيچر 2020 ۾ ان وقت متعارف ڪرايو ويو هو جڏهن ايپل پنهنجو آءِ فون ايس 14 ورجن دنيا جي آڏو پيش ڪيو هو.

ان کانسواءِ ايپل پنهنجي تمام ڊيوائسز پوءِ ڀلي اِها آءِ فون ايس هجي يا آءِ پيڊ او ايس يا وري ميڪ او ايس کي وقت سان گڏوگڏ اپ ڊيٽ ڪندو رهندو آهي جنهن جو مقصد پنهنجي ڊيوائسز جي سيڪيورٽي کي محفوظ بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.