سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر، اسڪولن جي حوالي سان اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر وڌڻ کانپوءِ تعليم کاتي صوبي ۾ سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ تدريسي وقت تبديل ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي تعليم کاتي ٿڌ ۾ واڌ سبب شاگردن جي سهولت لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو ۽ سڄي صوبي جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ تدريسي وقت تبديل ڪري ڇڏيا آهن.
نئين شيڊيول موجب هاڻ سڀني اسڪولن تدريسي عمل صبح ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندو، ان حوالي سان تعليم کاتي جي سيڪريٽري حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ سڀني اسڪولن جي انتظاميا کي حڪمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.