سي ٽي ڊي جو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 7 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جا 3 اهم ڪارڪن به شامل آهن.
سي ٽي ڊي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 59 آپريشنز ڪيا، ترجمان ٻڌايو ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب ڪارروائيون لاهور، قصور، سرگوڌي، بهاولپور ۽ بهاولنگر ۾ ڪيون ويون، لاهور مان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا 3 اهم ڪارڪن گرفتار ٿيا.
ترجمان ٻڌايو ته دهشتگردن ۾ زمان، شاهه محمد، عابد، خالد محمود، عظيم، احمد شاهه، نور شامل آهن، اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، سندن قبضي مان بارودي مواد، آءِ اي ڊي بم، 2 فيوز، پرائما ڪارڊ، موبائل فونز ۽ روڪ رقم برآمد ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.