فرح گوگي، شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري اشتهاري قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ فرح گوگي، شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري سميت 6 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو.
190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جاچ آفيسر شريڪ جوابدارن بابت عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن کانپوءِ عدالت ريفرنس ۾ شريڪ 6 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو.
جاچ آفيسر موجب شريڪ جوابدارن ۾ فرحت شهزادي، ضياءُ السلام نسيم، شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ۽ ٻيا ٻه جوابدار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.