هالي ووڊ اداڪار ڪرسچن اليور پنهنجي ٻن نياڻين سميت جهاز حادثي فوت

برلن ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار ڪرسچن اليور پنهنجي ٻن نياڻين سميت جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب، 51 سالا ڪرسچن اليور پنهنجي ڏهن ۽ ٻارنهن ورهين جي ڌيئرن سان هڪ ننڍي جهاز ۾ اُڏام ڀري هئي.
پوليس موجب، اداڪار ڪيربيئن سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تان اُڏام ڀري پر بدقسمتي سان سندس جهاز حادثي جو شڪار ٿي ڪيربيئن سمنڊ ۾ وڃي ڪِريو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ اداڪار ۽ سندس ٻنهي نياڻين سميت پائليٽ به فوت ٿي ويو جنهن جا لاش مقامي ٽوٻن ۽ مهاڻن جي مدد سان سمنڊ مان ٻاهر ڪڍيا ويا.
ياد رهي ڪرسچن اوليور جو واسطو جرمني سان آهي ۽ هن 2008ع ٺهندڙ فلم ” اسپيڊريس “ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا جڏهن ته ويب سيريز ” دي گوڊ جرمن“ ۽ ” والڪيري “ مداحن پاران سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.