رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمون استعمال ڪندڙ خبردار!

لاهور (ويب ڊيسڪ) رنگ ڀورو ڪندڙ جعلي ڪريمن خلاف پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي 75 غير معياري ڪريمن جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پنجاب جي صحت واري وزير ناصر جمال بيوٽي پارلر ۽ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ جعلي ڪريمن خلاف اک پٽي ورتي.
هن چيو ته ڪيتريون ئي شڪايتون وصول ٿيون، 75 ڪريمن تي پابندي هنئي آهي، راولپنڊي ۾ وڏن پارلرز ۽ باربر شاپس تي ڇاپا هنيا ته انهن وٽ ڪنهن قسم جو سرٽيفڪيٽ نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.