نيب آفيسرن اجتماعي لڄالٽ ڪئي ۽ وڊيو ٺاهي: طيبا گل جي الزامن تي جاويد اقبال ۽ ٻيا طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال تي هراساني جو الزام هڻندڙ طيبه گل چيو آهي ته نيب جاچ آفيسر ٻين آفيسرن سان گڏجي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو ٺاهي.
طيبه گل هراساني ۽ زيادتي ڪيس ۾ عورتن لاءِ محتسب اداري ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.
هن نيب جاچ آفيسر عمران ڊوگر سميت ٻين تي اجتماعي لڄالٽ جو الزام هڻندي چيو ته اڳوڻي ڊي جي نيب لاهور جاويد اقبال جي چوڻ تي ڪوڙو ڪيس ٺاهي گرفتار ڪيو ۽ لاهور وٺي ويو.
طيبه گل پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نيب جاچ آفيسر عمران ڊوگر ٻين آفيسرن سان گڏجي اجتماعي لڄالٽ ڪئي، وڊيو ٺاهي، مڙس کي چُپ رهڻ جو چيو ۽ وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.
سندس چوڻ هو ته اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال درخواست ٻڌڻ لاءِ غير اخلاقي حرڪتن جو چيو، ائين نه ڪرڻ تي ڪيس نه ٻڌڻ جي ڌمڪي ڏني.
عورتن جي تحفظ لاءِ محتسب اداري جي چيئرپرسن فوزيا وقار اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال سميت 12 ڄڻن کي 16 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.