اڳوڻي ڪپتان اظهر علي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ اهم اعزاز ماڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي فرسٽ ڪلاس سينچرين جي ففٽي مڪمل ڪري ورتي.

اظهر علي پريزيڊنٽ ٽرافي ۾ ايس اين جي پي ايل ۽ ڪي آر ايل جي ميچ ۾ سينچري مڪمل ڪري اِهو اعزاز حاصل ڪيو، هو پنجاهه فرسٽ ڪلاس سينچريون اسڪور ڪندڙ نائون پاڪستاني بيٽر آهي.

اظهر علي کان اڳ ظهير عباس، جاويد ميانداد، ماجد خان، مشتاق محمد، يونس خان، حنيف محمد، شفيق احمد ۽ صادق محمد به 50 فرسٽ ڪلاس سينچريون ٺاهي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.