فوجي آمرن پنهنجي لاءِ صادق ۽ امين جو شرط ڇو نه رکيو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ ميمبرن جي تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته فوجي آمر عوام کي چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر رکڻ لاءِ مرضي جا اپاءَ وٺندا آهن.

هن چيو ته هڪ آمر اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته ڊگري لازمي آهي ۽ ٻيو چوي ٿو ته صادق ۽ امين هجڻ ضروري آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊڪٽيٽر پنهنجي لاءِ صادق ۽ امين جو شرط ڇو نه رکيو؟

چيف جسٽس درخواستگذار سجاد الحسن جي وڪيل خرم رضا کي چيو ته اوهان فوجي آمر سامهون ڪا ڳالهه ناهيو ڪندا.

چيف جسٽس چيو ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙ اليڪشن وڙهندو آهي پر سول ڪيس کي منهن ڏيڻ واري کي سڄي زندگي سياست کان نااهل ڪيو ويندو آهي.

چيف جسٽس وڪيل خرم رضا کي چيو ته اوهان دليلن ۾ اڳتي ناهيو وڌي رهيا، ٿوري رفتار وڌايو، اسان هن ڪيس کي بنا حل ڪرڻ جي نٿا ڇڏڻ چاهيون.

هڪ ٻئي وڪيل پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته فوجي آمرن آئين ۾ ترميمون ڪيون پر ان کانپوءِ چونڊيل پارليامينٽ به ان ترميم جي خلاف نه وئي، ان ڪري الزام رڳو ڊڪٽيٽرن تي نه ٿو لڳائي سگهجي.

چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان صحيح ٿا چئو.

چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته چونڊون ٿيڻ واريون آهن، اسان کي اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، سياستدان عوام جا چونڊيل نمائندا هوندا آهن، آمرن ۽ سياستدانن کي گڏ نٿو پرکي سگهجي، آمر آئين ٽوڙي حڪومت ۾ ايندو آهي، چونڊجي ناهي ايندو.

ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جڏهن قانون اچي چڪو آهي ۽ نااهلي پنجن سالن جي ٿي چڪي آهي ته تاحيات نااهلي جي ڳالهه ڪيئن قائم رهندي؟

(نوٽ: سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي حوالي سان وڌيڪ خبرون ڌار ڌار پوسٽ ڪيون ويون آهن) 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.