پي ٽي آءِ جو ”بيٽ“ وارو نشان حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پشاور هاٰءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ” بيٽ “ وارو چونڊ نشان حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

تحريڪ انصاف پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ئي نه هئي، اليڪشن ڪميشن ان معاملي ۾ ڌر نه ٿو بڻجي سگهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻين سياسي جماعتن جي ابتڙ پي ٽي آءِ خلاف امتيازي ورتاءِ ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن بيٽ وارو نشان واپس وٺڻ وقت ثبوتن کي ڌيان ۾ نه رکيو جڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج قانون جي غلط تشريح ڪئي جنهن سبب ناانصافي ٿي.

درخواست ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي بيٽ جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.