پشاور کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو به پي ٽي آءِ کي وڏو جهٽڪو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کي عدالت نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس جواد حسن بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست ٿي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ اڄ لاهورهاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽِي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي پنهنجو منع نامو واپس وٺندي اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر وارو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو هو.

جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان ٻيهر کسجي ويو هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ بئرسٽر گوهر طرفان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.