ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پلي اسٽور تنا 13 ايپليڪيشنز کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جو سببب انهن ايپس جو نقصانڪار وائرس بڻيو آهي.
رپورٽ موجب سيڪيورٽي ڪمپني ميڪيفي جي ماهرن پاران پلي اسٽور تي موجود 13 ايپس تي انتهائي نقصانڪار وائرس جي نشاندهي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ گوگل فوري قدم کڻندي ڄاڻايل ايپس کي اتان هٽائي ڇڏيو آهي.
ميڪيفي گڏيل طور تي 25 ايپس ۾ ان نقصانڪار وائرس جي نشاندهي جي تصديق ڪئي هئي جن مان 13 ايپس گوگل جي پلي اسٽور تي موجود هيون ۽ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو انهن ايپس کي ڊائون لوڊ ۽ انسٽال ڪري چڪا آهن.ميڪيفي موجب انهن ايپس کي گھڻو ڪري آمريڪا، برطانيا، برازيل، اسپين ۽ جرمني ۾ ڊائون لوڊ ڪيو ويو.
انهن ايپس ۾ :
Essential Horoscope for Android
3D Skin Editor for PE Minecraft
Logo Maker Pro
Auto Click Repeater
Count Easy Calorie Calculator
Sound Volume Extender
LetterLink
PERSONAL HOROSCOPE &NUMBER PREDICTIONS
Step Keeper: Easy Pedometer
Track Your Sleep
Sound Volume Booster
Astrological Navigator: Daily Horoscope & Tarot
Universal Calculator
شامل آهن.