پارليامينٽ جبري گمشدگين خلاف قانون سازي ۾ ٻه ڀيرا ناڪام

لاهور (عوامي آواز نيوز) جبري گمشدگين خلاف پارليامينٽ قانون سازي ۾ ٻه ڀيرا ناڪام ٿي چڪي آهي، ناڪاميءَ جو ڪارڻ ڪو به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته هڪ مرحلي تي رضا رباني، افراسياب خٽڪ، فرحت الله بابر جبري گمشدگين بابت قانون سازيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ان بعد پي ٽي آءِ حڪومت ۾ شيرين مزاري قومي اسيمبليءَ مان جبري گمشدگين  خلاف قانون منظور ڪرايو پر اهو به سينيٽ ۾ گم ٿي ويو، جنهن جو ذڪر سپريم ڪورٽ ۾ به ٿيو آهي.

سوال آهي ته قانون سازي نه ٿيڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي يا ڪير رڪاوٽ آهي، ان بابت ڪو به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 03 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.