فيض حميد ٻئي نوٽيس تي به ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) جنرل (ر) فيض حميد اسلام آباد ۾ موجود هجڻ باوجود فيض آباد ڌرڻي بابت جاچ ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو ۽ شايد آئنده به پيش نه ٿيندو.

نامياري صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي هدايت تي قائم ڪيل فيض آباد ڌرڻي بابت جاچ ڪميشن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي پهريون نوٽيس اماڻيو ته ان کي به فيض حميد ڪا اهميت نه ڏني  وري ڪميشن بچاءَ  وزارت ذريعي کيس پيش ٿيڻ لاءِ ٻيو ڀيرو نوٽيس اماڻيو پر ان کي به فيض حميد ڪا اهيمت نه ڏني ۽ منهنجي اطلاع موجب اسلام آباد ۾ هجڻ باوجود فيض حميد ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو.

اطلاع آهن ته ڪميشن کي ڪٿان راءِ ملي آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان ورتو وڃي.جڏهن ته شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ ڊي جي رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي جيڪي يقيني طور پيش ٿيندا. اهو به امڪان آهي ته عمران خان کي به طلب ڪيو وڃي.

هوڏانهن ڪميشن جو مدو 22 جنوري تي ختم ٿي رهيو آهي. پر ڪافي ڪم رهيل آهي. ان ڪري امڪان آهي ته شايد ڪميشن جي مدت ۾ مهينو واڌ ڪئي ويندي.

نامياري صحافي آصف بشير چوڌري جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ کي پنهنجي شان ۾ گهٽتائي محسوس ڪري ٿو. ڏسجي ته ڪميشن ان حوالي سان ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي. اختيار ته ڪميشن کي وڏا مليل آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 03 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.