حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته قاسم آباد حيدرآباد ۾ اليڪشن مئنيج ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي 20 هزار روپيا في ووٽ جي خريداري شروع ٿي وئي آهي.
اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته 15 سالن ۾ عوام جي لٽيل دولت مان ڪجھ ڪروڙ خرچ ڪري وري اربين روپين جي ڦرلٽ جي تياري ڪئي پئي وڃي پر ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نه ڏني ويندي.
اياز لطيف پليجي چيو تہ قاسم آباد سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جو اھم شھر آھي پر گھٽيون ڪچري سان ڀريون پيون آھن، گٽر اٿليل آھن، ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ناھي. ٻھراڙين جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي قاسم آباد سميت سڄي سنڌ جي تقدير کي بدلائي ڇڏينداسين. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري چڪو آهي.