اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته اليڪشن روڪڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.
سپريم رٽرننگ آفيسر جي مقرري معطل ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دورال اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنگل بئنچ 27 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ آر او کي معطل ڪيو، ڪوهاٽ جي ريٽرننگ آفيسر طبي سبب جي بنياد تي پاڻ موڪل گهري، پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ نئين آر او خلاف ڪجهه ناهي لکيو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شڪايت ڪندڙ کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي مرضي جو ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ چاهيون ٿا؟ لڳي ٿو ته ڪجهه طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن جيئن اليڪشن نه ٿي سگهي، هڪ رٽرننگ آفيسر بيمار ٿيو ته ٻيو مقرر ڪيو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ هڪ ڌڪ سان مقرري معطل ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ڪي پي اسيمبلي جي تڪ 91 ڪوهاٽ ۾ رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه توهان تي ڏنڊ هنيو وڃي، نوٽيس کانسواءِ ئي مقرري معطل ڪري ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج نوٽيس جاري ڪرڻ به مناسب نه سمجهو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي عدالتون فيصلا ڪري رهيون آهن، اها تمام گهڻي عجيب ڳالهه آهي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته سموري اليڪشن ئي بيهي وڃي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته غير ضروري درخواستون ڇو داخل ٿي رهيون آهن؟.
عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني يا غير آئيني قدم ناهي کنيو، اليڪشن ڪميشن فوري طور اسڪروٽني جو عمل شروع ڪري.
عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي.