ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درابن ۾ پيءُ پٽ سميت هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو آهي.
پوليس موجب جوابدارن مقتولن کي موٽرسائيڪل تي ويندي نشانو بڻايو ۽ سولائي سان فرار ٿي ويا.
پوليس واقعي کي ذاتي دشمني جو نتيجو قرار ڏنو، مقتولن ۾ 2017 ۾ 16 سالن جي ناري جي بي عزتي جي ڪيس ۾ نامزد ٻه مک ڪردار به شامل آهن جيڪي راضي نامي بعد ڪيس مان بري ٿي ويا هئا.
پوليس موجب پونئرن طرفان پوليس کي ڪا درخواست ناهي ڏني وئي جڏهن ته مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.