ملتان (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني دعويٰ ڪئي آهي ته ڪا به جماعت پ پ بنا حڪومت نٿي ٺاهي سگهي.
يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ سدائين اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، ڏکڻ پنجاب جي عيسائي برادري پ پ تي اعتماد جو اظهار ڪيو، ڪا به جماعت پ پ بنا ملڪ ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي.
هن چيو ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ليول پليئنگ سڀني لاءِ هڪجهڙي هجڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like