راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) باجوڙ جي علائقي بٽوار ۾ پاڪ – افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ جي علائقي بٽوار ۾ پاڪ – افغان سرحد تي ٽن دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي.
سيڪيورٽي فورسز فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽنهي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪيو ويو.
هوڏانهن افغانستان مان دهشتگردن اتر وزيرستان جي ضلعي اسپن وام ۾ پاڪستاني سرحدي چوڪي تي فائرنگ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ عبدالرئوف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
You might also like