وڏي آواز ۾ صدر نه چئو ته مولانا نه ٻڌي وٺي: زرداري جو لياقت بلوچ سان مڪالمو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ جي وليمي جي دعوت ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جماعت اسلامي جي امير لياقت بلوچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو.
مولانا فضل الرحمان جي موجودگي ۾ لياقت بلوچ اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ته جناب صدر پاڪستان، ڪيئن آهيو؟
ان تي آصف زرداري جواب ڏنو ته ”يار بلوچ“ مون کي وڏي آواز ۾ صدر نه چئو، ڪٿي مولانا نه ٻڌي وٺي، مولانا فضل الرحمان ٻڌي ورتو ته ڪاوڙجي پوندو.
اڳوڻي صدر جي جملي تي مولانا فضل الرحمان سميت اتي موجود سڀني سياسي اڳواڻن ٽهڪ ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.