منهنجي نااهلي جو فيصلو لنڊن ۾ ٿيو: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي نااهلي جو فيصلو لنڊن ۾ ڪيو ويو.
نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته مان ٽي وي تي ٻڌو ته نااهل ٿي ويو آهيان، مون کي اڃا تائين رٽرننگ آفيسر ڪا ڪاپي ناهي ڏني، هڪ چور شيخ رشيد جو رستو روڪڻ چاهي ٿو، اصلي ۽ نسلي آهيان، بيٺو رهندس، سچائي خاطر زندهه رهندس.
هن چيو ته هي ملڪ ان ڪري ٻڏي رهيو آهي، ڇو ته توهان چورن کي آندو آهي، معاشي ۽ سياسي طور ملڪ کي جيئرو رهڻ ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.