ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي نائين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جي ريگيولر ۽ پرائيويٽ امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي موجب سائنس گروپ ۾ هڪ لک 61 هزار 929 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي جي شرح 69.9 سيڪڙو رهي.
جنرل گروپ ريگيولر ۽ پرائيويٽ ۾ 16 هزار 746 اميدوارن امتحانن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ 48.68 سيڪڙو شاگردن ڪاميابي حاصل ڪئي.
ثانوي بورڊ موجب غير حاضر شاگردن جو انگ 6 هزار 390 رهيو، جڏهن ته سڀني پرچن ۾ ڪامياب شاگردن جو انگ هڪ لک 13 هزار 186 آهي، جنهن سان مجموعي طور ڪاميابي جي شرح 69.9 سيڪڙو رهي.
Prev Post
You might also like