نادرا ڪارڊ ۾ پتو تبديل ڪرڻ ۾ وڏي سولائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا سڃاڻپ ڪارڊ تي رهائشي پتو تبديل ڪرڻ لاءِ اپائن جو اعلان ڪيو آهي.

اهي ماڻهو جيڪي پتو تبديل ڪري چڪا آهن يا هاڻي ٻئي شهر ۾ رهن ٿا اهي موجوده پتو تبديل ڪرڻ لاءِ سولائي سان درخواست ڏئي سگهن ٿا.

نادرا اعلان ڪيو آهي ته پتو تبديل ڪرائڻ لاءِ ڪرايو نامو، ان پتي تي پنهنجيا ڪٽنب جي ڪنهن فرد جي نالي تي بل، يا پتي تي ڪٽنب جي ڪنهن فرد جو سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچو ۽ پتو تبديل ڪرايو.

ان بابت وڌيڪ ڄاڻ رهبر موبائيل ايپ تان وٺي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.