مانجهند (ويب ڊيسڪ) آمري ڀرسان ڪوچ ڪار سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ حيدر رند وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪوچ ڪار سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سيوهڻ قلندر شھباز جي زيارت لاءِ ويندڙ ڪراچي واسي ھڪ ئي خاندان جي عورتن ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي تعلقه اسپتال سيوهڻ ۽ مقامي ڊسپينسريز ۾ منتقل ڪيو ويو.
زخمين ۾ دعا بلوچ، رخسانا بلوچ، ريحانه بلوچ، دجن بلوچ، فريدا بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
Next Post
You might also like