ڪراچي وارن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي حڪومتي درخواست منظور ڪندي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 1 رپيو 72 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا پاران اها منظوري گذريل مالي سال جي ٻي ۽ ٽين ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي جنهن تحت جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 25 پيسا في يونٽ جڏهن ته آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022ع جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ 47 پيسا في يونٽ جو اضافو منظور ڪيو ويو آهي.
نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي هڪ جيترو ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ اضافي جي منظور ڏني وئي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان وصوليون جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2024ع ۾ ڪيون وينديون.
نيپرا نوٽيفڪيشن لاءِ فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.