ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جو اگهه 1900 رپيا سستو ٿي ويو آهي.
سون جي في تولي جو اگهه هاڻي 2 لک 20 هزار 900 رپيا ٿي ويو آهي.
10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿيڻ بعد 1 لک 89 هزار 386 رپيا ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون 15 ڊالر گهٽجي 2070 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.