سرڪاري ملازمن لاءِ ايڊهاڪ الائونس منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي سرڪاري ملازمن لاءِ ايڊهاڪ رليف الائونس 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ان سلسلي ۾ ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايڊهاڪ رليف الائونس 2023ع گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو ۽ اسڪيل 3 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 35 سيڪڙو منظور ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾، ناڻي واري کاتي خيبرپختونخواهه جي سرڪاري ملازمن کي 30 جون 2023ع کان مٿي ڄاڻايل الائونس جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.