لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهڻ سبب اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ٿڌ جي شدت نه گهٽجڻ تي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان موڪلن ۾ هڪ هفتي تائين واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي.
پنجاب جي اسڪولن ۾ 18 ڊسمبر کان موڪلون هيون ۽ اڳوڻي اعلان موجب پهرين جنوري 2024 کان اسڪول کلندا پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ سبب نگران حڪومت موڪلون هڪ هفتو وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
You might also like