يو اي اِي جي حڪمران خاندان دنيا جي سڀني خاندانن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي حڪمران خاندان دولت ۾ دنيا جي سڀني خاندانن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو.
آمريڪي رسالي بلومبرگ جي رپورٽ موجب دنيا جي امير ترين 25 خاندانن ۾ ابوظهبي جو خاندان آمريڪا جي والٽن خاندان کي پٺتي ڇڏي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ امير خاندان بڻجي ويو آهي.
2023ع ۾ گڏيل عرب امارتن جو حڪمران خاندان النهيان 305 ارب ڊالرن سان سڀ کان وڌيڪ امير رهيو. 5 سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو والمارٽ جي وارثن کانسواءِ ڪو ٻيو خاندان دنيا جو امير ترين خاندان بڻيو آهي.
رپورٽ موجب ٻئين نمبر تي والٽن خاندان، ٽين تي فرانسيسي لگزري فيشن هائوس هرميس جا مالڪ آهن.
آمريڪي خاندان مارس چوٿين، قطر جو شاهي خاندان الثاني پنجين، آمريڪي ڪوچ انڊسٽريز جا مالڪ ڇهين، سعودي عرب جو شاهي خاندان السعود ستين، ڀارت جي رلائنس انڊسٽري جو مالڪ امباني خاندان اٺين، فرانس جي لگزري فيشن هائوس جا مالڪ نائين جڏهن ته ڪئناڊا جي ميڊيا هائوس ٿامس رائيٽر جا مالڪ ڏهين نمبر تي آهن.
رپورٽ موجب امير ترين خاندانن ۾ آمريڪا جا 8، فرانس جا 4، جرمني جا 3 جڏهن ته گڏيل عرب امارتن، قطر، سعودي عرب، ڀارت، ڪئناڊا، سوئٽزرلينڊ، بيلجيئم، انڊونيشيا، اٽلي ۽ هانگ ڪانگ جو هڪ هڪ خاندان شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.