تڪڙي ڊرائيونگ لائسنس ٺهرايو نه ته فيس وڌي ويندي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) سي ٽي او لاهور عمارا اطهر شهرين کي جلد لرنرز پرمٽ ۽ لائسنس ٺهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پهرين جنوري کان ڊرائيونگ لائسنس جي فيسن ۾ واڌ ٿي ويندي.
عمارا اطهر چيو ته شهرين جي سهولت ۽ آساني لاءِ سموريون لائسنس آفيسون کليل رهنديون، لاهور ۾ سمورا سينٽر رات 12 وڳي تائين، جڏهن ته 8 خدمت مرڪز 24 ڪلاڪ کليل آهن.
هن چيو ته هلندڙ سال رڳو لاهور ۾ 31 لک شهرين کي لائسنس سروسز فراهم ڪيون ويون، پنجاب ۾ لائسنس جون آفيسون 46 مان وڌائي 1300 ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.