جسم ۾ موجود زهر کان بچو، ڦوٽا کائو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍا ڦوٽا گهرن ۾ عام استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ هي دنيا جي هر ملڪ ۾ ملن ٿا، انهن جي استعمال سان صحت تي فائديمند اثر پوندا آهن.

ننڍن ڦوٽن جو استعمال گهڻو ڪري مٺين غذائن يا چانهه ۾ به ڪيو ويندو آهي. هنن جي استعمال سان مٺي غذا جو ذائقو بهتر ٿي ويندو آهي ۽ ساهه ۾ به خوشبو ٿيندي آهي.

ٿولهه ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي جڏهن ته ٻاهر نڪتل پيٽ شرمساري سميت بيمارين جو سبب به بڻبو آهي.

ٿلهائپ ۽ پيٽ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيتريون به ورزشون ڪجن پر هر انسان لاءِ جم وڃڻ يا ورزش ڪرڻ جو وقت ڪڍڻ ممڪن ناهي هوندو.

ان صورتحال ۾ ننڍن ڦوٽن جو استعمال جيڪڏهن باقاعدگي سان ڪجي ته ان سان نه رڳو چيلهه ننڍي ٿيندي پر وزن به گهٽجي ويندو.

وزن ۾ گهٽتائي لاءِ ننڍن ڦوٽن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو به سولو آهي.

ننڍا ڦوٽا، ڦودنو، سنڍ، ڪلونجي، اجوائن، زيرو، وڏڦ سڀ 20-20 گرام ملائي محفوظ ڪريو ۽ کاڌي کانپوءِ اڌ چمچو صبح ۽ شام ڪاڙهي سان پيو.

ان سان واڌو چرٻي ختم ٿي ويندي ۽ وڌيل پيٽ پاڻمرادو اندر ٿي ويندو، وڏڦ وري وري بک ناهن ڏياريندا، زيرو، اجوائن ۽ ڦودنو واڌو چرٻي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن ۽ ڪلونجي ۾ هر مرض جي شفا هوندي آهي.

ڦوٽن ۾ بنيادي طور تي آئرن، ڪاپر ۽ وٽامن سي کانسواءِ اهڙا وٽامنز موجود هوندا آهن جيڪي رت جي سيلز جي واڌ ويجهه لاءِ مددگار ثابت هوندا آهن.

ڦوٽا اينٽي ڊپريشن صلاحيت رکن ٿا، اڌ چمچو ڦوٽن جو پائوڊر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا کائڻ سان ڊپريشن، اسٽريس ۽ ٻين دماغي مرضن ۾ سڪون ملندو آهي.

ڦوٽا ميگنيشيم، پوٽاشيم ۽ ڪيلشيم سان ڀرپور هوندا آهن، هنن کي رت جي اليڪٽرولائٽس لاءِ خزانو قرار ڏنو ويندو آهي.

ڦوٽن جو استعمال رت جي فراهمي واري عمل کي بهتر بڻائي ٿو ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڦوٽا پنهنجي ڊي ٽاڪسن جي عمل سان جسم جي زهريلن مادن کي ختم ڪن ٿا، انهن کي جسم مان خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڦوٽا بهترين اينٽي ڪينسر، اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي انفليمينٽري خاصيتون رکن ٿا.

ڦوٽن کي چٻاڙڻ سان وات ۾ لعاب به وڌندو آهي جيڪو خوراڪ کي هضم ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.

السر جي ڪجهه قسمن لاءِ به ڦوٽا فائديمند هوندا آهن.

ساهه جي بوءِ ختم ڪرڻ سولائي سان ختم نٿي ٿئي ته ڦوٽا استعمال ڪريو، هي اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون رکن ٿا ۽ هنن جي تيز خوشبو وات جي بوءِ ختم ڪري ٿي.

هي هاضمي واري نظام کي به بهتر بڻائين ٿا، ڦوٽن جا سفوف اڌ چمچو صبح نيراني استعمال ڪرڻ سان پگهر جي بوءِ خوشبو ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.