ڪولسٽرول گھٽائيندڙ انقلابي ويڪسين تيار

جسم ۾ سڻڀ جو مقدار وڌڻ يا هاءِ ڪولسٽرول سان دل جي مرضن سميت فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌندو آهي.
پر هاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي روڪٿام لاءِ هڪ ويڪسين جي تياري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي ماهرن جي ٽيم اها ويڪسين تيار ڪري رهي آهي.
اها ويڪسين پي سي ايس ڪي 9 نالي پروتين کي هدف بڻائي ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي سطح ۾ گھٽتائي آڻڻ جو ڪم ڪري ٿي.
ڀولڙن ۽ ڪوئن تي ان ويڪسين جا تجربا ڪيا ويا.
تجربن دوران محققن جانورن ۾ ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي سطح ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.
محققن موجب اها ويڪسين اڻ وچندڙ وائرل ذرڙن تي ٻڌل آهي.
ويڪسين جي آزمائش ۾ ثابت ٿيو آهي ته اها ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي سطح ۾ 30 سيڪڙو تائين گھٽتائي آڻي سگھي ٿي.
محققن جو چوڻ هو ته اسان اهڙي ويڪسين تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪي سستي هجي ۽ وڏي پيماني تي ان جو استعمال ٿي سگھي.
سندن چوڻ هو ته اڃا ان ويڪسين کي عام استعمال لاءِ پيش ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي سگھي ٿو پر هيل تائين نتيجا حوصلو ڏيندڙ رهيا آهن.
اڃا ان ويڪسين جي انسانن تي آزمائش ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ ان جي استعمال جي اجازت ريگوليٽري منظوري سان مشروط هوندي.
محققن موجب اسان کي اميد آهي ته ايندڙ 10 سالن ۾ ماڻهن کي ڪولسٽرول جي روڪٿام لاءِ اها ويڪسين دستياب هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.