برسات دوران زائرين جو طواف، روح کي سڪون ڏيندڙ منظر ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ

مسجد الحرام ۾ برسات دوران زائرين طواف ۽ عبادت ۾ مصروف رهيا، انهيءَ دوران روح کي سڪون ڏيندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا جنهن جي وڊيو به منظر عام تي اچي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ مڪي، مديني ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ڏينهن تيز برسات پئي، جنهن سبب روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.
عمري جا زائرين برسات دوران مسجد الحرام ۾ طواف ۽ عبادت ۾ مصروف رهيا. تيز برسات دوران زائرين دعائون به گھريون.

حرمين شريفين انتظاميا پاران مسجد الحرام جي خدمت تي مقرر سرڪاري ادارن جي سهڪار سان مسجد الحرام ۾ برسات جي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اسڪيمن تي عملدرآمد جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.