چونڊون تڪراري بڻايون پيون وڃن، منصوبابندي ٿي وئي آهي: جاويد لطيف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته ميثاق جمهوريت کانپوءِ 10 سال اطمينان رهيو، ٽين جماعت پيدا ڪرڻ جو شوق رکندڙ بربادي جي سوچ کڻي آيا.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته چونڊون تڪراري بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، 9 ۽ 10 مئي جي پاليسي ٺاهيندڙن کي سزا نه پئي ڏني وڃي.
هن چيو ته منصوبابندي مڪمل ٿي چڪي آهي، سهولتڪاري چڪوال مان شروع ٿئي ٿي، بنديال کان ثاقب نثار تائين سڀ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، ڪڏهن بيٽ وڃي ٿي ته ڪڏهن اچي ٿي، جيڪڏهن وقت تي 9 مئي جو منصوبو ٺاهيندڙن کي سزا ملي ها ته ائين نه ٿئي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.