ميلبورن ٽيسٽ: امپائر لفٽ ۾ ڦاسڻ سبب راند متاثر

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ميلبورن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن کاڌي جي وقفي کانپوءِ راند دير جو شڪار ٿي وئي.
ميچ ۾ کاڌي جي وقفي کانپوءِ ٻئي ٽيمون ميدان ۾ اچي ويون پر امپائرن راند شروع نه ڪئي، ڇو ته فيلڊ امپائرن جو ٿرڊ امپائر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.
رپورٽن موجب انگلينڊ سان واسطو رکندڙ ٽي وي امپائر رچرڊ النگورٿ لفٽ ۾ ڦاسي پيو هو، جنهن سبب ان جو ساٿي امپائرن سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ راند شروع ٿيڻ ۾ دير ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.