لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) اسلامي دنيا ۽ ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي.
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو آهي جنهن ۾ عام چونڊن جي مهم جي شروعات پڻ ڪئي وئي ويندي.
پيپلز پارٽي طرفان ورسي جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي.
ورسي جي شروعات صبح جي وقت قرآن خواني سان ڪئي ويندي.
جلسو شروع ٿيڻ اڳ منجهند ڌاري پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا.
ٻئي پاسي سخت سيءُ جي باوجود ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي رهيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو ۾ موجود
ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻيا اڳواڻ نئون ديرو پهچي چڪا آهن جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر آصف علي زرداري اڳوڻو وزيراعظم قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ پڻ ورسي جلسي ۾ شرڪت ڪري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندا.
وڏي انگ ۾ جيالا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتل
هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پيپلز پارٽي جا مرد جيالن توڙي جيالين وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار ٻاهريان سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو استقبال پڻ ڪيو پيو وڃي.
سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام
ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.
لاڙڪاڻو پوليس جي انتظاميه پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو توڙي نئون ديرو هائوس جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7500 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ 25 ايس ايس پيز، 8 اي ايس پيز، 71 ڊي ايس پيز، 137 انسپيڪٽر، 216 سب انسپيڪٽر، 592 اي ايس آئيز، 796 هيدڪانسٽيبل، 4755 پوليس اهلڪار، 500 ايس ايس يو، 300 ليڊيز، 700 ٽريفڪ اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پنهنجون فرائض سرانجام ڏيندا.
ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 150 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئمرائون، 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳائي بم ڊسپوزل عملي کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي. سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان خصوصي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتان ورسي تقريب جي نگراني ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون آهن.