ڪنري واسي ڪٽنب سان حادثو، 2 مرد فوت، 2 عورتون زخمي

ڪنري: (ويب ڊيسڪ) ڪنري جي رھواسين سان نوري آباد وٽ روڊ حادثو پيش آيو جنهن سبب 2 ڄڻا فوت 2 زخمي ٿي پيا.

وين سوار ڪراچي کان ڪنري اچي رهيا هئا ته سفاري پمپ وٽ سندن اڻڄاتل گاڏي سان ٽڪرٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪنري جا رھواسي حاجي گلزار ولد نظير احمد آرائين ۽ ماستر عبدالرحمان ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته رضيا زال گلزار ۽ حفضا ڌي گلزار زخمي ٿي پيون.

زخمين کي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪنري ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.