جيئن جيئن دور گذرندو پيو وڃي تيئن تيئن انسان جي زندگي ۾ جديديت سان گڏ تيزي ايندي پئي وڃي، وقت گذرڻ سان گڏ سائنسي ترقي جيتريون سهولتون مهيا ڪري ٿي اوترو ئي ماڻهوءَ جي زندگي به محدود ٿيندي پئي وڃي، سُٺي گذر سفر ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو ڏينهون ڏينهن مصروف ٿيندو پيو وڃي خاص ڪري شهري آباديءَ ۾ هفتي جا ست ئي ڏينهن ۽ ڏينهن رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ ڪو ڪم ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندي، انٽرنيٽ جي سهولت اچڻ ۽ آن لائين ڪاروبار وڌڻ کانپوءِ اهو رجحاڻ ته اڃا به وڌي ويو آهي.