ڇا اوهان پنهنجي جسم بابت احساسِ ڪمتري جو شڪار آهيو؟

ڇا اوهان کي پنهنجي جسم جا ڪجهه ظاهري رخ پسند ناهن؟ ۽ اوهان سوچيندا آهيو ته ڪاش اوهان پنهنجي جسم ۾ فلاڻي فلاڻي تبديلي ڪري ان جي ظاهري شڪل کي بهتر ڪري سگھو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اهڙي سوچ رکندڙ اوهان اڪيلا نه آهيو.
گھڻا ماڻهو پنهنجي جسماني بيهڪ يا ان جي ڪجهه رخن مان ناخوس هوندا آهن. پر جڏهن اوهان انهيءَ بابت سوچيندا رهندا آهيو ته اوهان پنهنجي خود اعتمادي گھٽايو ٿا ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي سگھو ٿا. ان کانسواءِ اهو سماجي لاڳاپن بابت مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو. تنهنڪري ان کي ڪيئن منهن ڏجي؟
سڀ کان پهريان اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ جي ضرورت آهي ته پنهنجي جسم کي ذهني ۽ دلي طور تي قبول ڪرڻ لاءِ ان جو خوبصورت هجڻ ضروري ناهي. جڏهن اوهان پنهنجي جسم کي ائين ئي پسند ڪندا آهيو جيئن اهو آهي ته اوهان پاڻ به پنهنجي جسم بابت هاڪاري خيالن کي هٿي ڏيندا آهيو جنهن سان اوهان جي خود اعتمادي وڌندي آهي.
پنهنجي جسم کي ذهني طور تي ڪيئن قبول ڪيو وڃي؟
ڪجهه ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته جسم جي سٺي باڊي اميج لاءِ جسم جو بهتر شڪل ۾ هجڻ ضروري آهي. اهي سوچيندا آهن ته جڏهن آئون بهتر شڪل ۾ ايندس ته مون کي پنهنجو جسم پسند ايندو. تنهنڪري اهو ڄاڻي وٺو ته ڪو به شخص ڪامل (Perfect) نه آهي. هر هڪ ۾ خاميون هونديون آهن. ايتري تائين جو ظاهري طور تي مثالي جسم رکندڙ ماڻهن ۾ به. تنهنڪري پنهنجي جسم کي موجودا حالت ۾ ڏسو، ان حالت ۾ نه جنهن ۾ اوهان چاهيو ٿا.
پاڻ کي شرمندهه نه ڪريو
جڏهن اهان پنهنجي جسم بابت ناڪاري نقطه نظر رکندا آهيو ته ان سان اوهان جي عزت نفس کي نقصان پهچي سگھي ٿو ڀلي اها ڳالهه اوهان ٻين کي چئو يا پاڻ سوچيو. اهو ايترو ئي نقصان رسائي سگھي ٿو جيترو ڪنهن ٻئي چيو هجي. ان ڪري پاڻ تي مهرباني ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ وارا بڻجو. پاڻ کان پڇيو ته ڇا آئون پنهنجي بهترين دوست جي ظاهري بيهڪ بابت هن تي ناڪاري تبصرا ڪندس؟ اوهان پاڻ سان به هڪ سٺي دوست جيان ئي پيش اچو.
پاڻ کي ٻين ماڻهن سان نه ڀيٽيو
چوڻي آهي ته ڀيٽ خوشي کي کائي ڇڏيندي آهي. پنهنجي جسم بابت پسنديدهه رخن کي ڏسو ۽ انهن لاءِ شڪرگذار هجو.
تعريب ڪئي وڃي ته قبول ڪريو
جڏهن به ڪو اوهان جي جسم بابت تعريفي لفظ ڳالهائي ته ان تي يقين نه ڪرڻ بدران سندس ٿورو مڃيو ۽ سندس سچائي کي تسليم ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.